سليڪا مٽي

سليڪا مٽي

سليڪا مٽي

سليڪا مٽي (Silica Sand): سليڪا، مٽيءَ جو هڪ اهڙو قسم آهي، جيڪو تقريباً سڄيءَ دنيا ۾ ملي ٿو. هن جو استعمال ڪيترن ئي ڪمن ۾ ٿئي ٿو، جنهنڪري سڄيءَ دنيا ۾ سليڪا مٽيءَ جو وڪرو عام آهي. سليڪا جو استعمال صنعتي عمل، شيشي ٺاهڻ، ڌات جون شيون ٺاهڻ، سينڊ بلاسٽنگ کان ويندي رستن جي سطح جي بناوت ۾ ان جو استعمال ٿئي ٿو. سليڪا جو سائنسي نالو Silicon Dioxide آهي، جنهن جو فارمولو SiO2 آهي. موجوده دؤر ۾ شين جي اهم بناوت سبب ان جي اهميت تمام گهڻي آهي. بين الاقوامي سطح تي هن جو وڪرو انتهائي منافعي بخش آهي. سنڌ ۾ به سليڪا مٽي مختلف علائقن مان ملي ٿي. دادو ۽ جنگشاهيءَ کانسواءِ حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ پڻ ڪجهه مقدار ۾ لڌي وئي آهي، جڏهن ته ٿاڻي بولاخان ۽ ڄام شوري مان ملندڙ ’چيرولي‘ مٽي، سيمينٽ ۽ ڀاڻ ٺاهڻ کان سواءِ ٻارن جا رانديڪا ٺاهڻ ۾ به ڪم ايندي آهي. هڪ ٻئي قسم جي ڪيميائي مٽي فلر سدارٿ آهي، جنهن مان ٿانو ٺهن ٿا، اها روهڙيءَ ۾ ملي ٿي. سليڪا مٽي ڪارائتي شيءِ هئڻ سان گڏ ڪجهه اهڙن جزن جو مرڪب هئڻ سبب ڪن حالتن ۾ هن کي صحت لاءِ هاڃيڪار به قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سبب استعمال وقت احتياط لازمي آهي. جهڙوڪ: اهڙا منصوبا، جتي سليڪا مٽيءَ جي ڪيميڪل جوڙجڪ ٿئي ٿي، يا جتي هن ذريعي ڌاتوئي شيون ٺهن ٿيون، يا مٽيءَ جي بلاسٽنگ جو عمل، اتي احتياط کان ڪم وٺڻ تمام ضروري آهي. اتي ماسڪ وغيره جو استعمال لازمي آهي. ٻيءَ صورت ۾ ڦڦڙن کي نقصان ٿيڻ جو خطرو موجود هوندو آهي يا اهڙي لاڳيتو بيماريءَ واري صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي، جنهن کي Silicosis چئبو آهي، جنهن جو ڪو ترت علاج نه آهي، جنهن سبب ماڻهوءَ جو موت به واقع ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ Silicosis ٻين بيمارين کي به جنم ڏئي ٿي، جن ۾ ٽي. بي يا ڦڦڙن جو ڪينسر وغيره شامل آهن.


لفظ سليڪا مٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو